اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان جي  نااهل حڪومت معيشت کي مفلوج ڪري وئي، معاشي بحران پيدا ڪرڻ تي عمران خان کي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي، هن چيو ته نئين حڪومت کي مشڪل ۾ وجهڻ لاءِ عمران خان حڪومت  وڃڻ کان اڳ پيٽرول ۽ بجلي تي غير فنڊنگ ٿيل سبسڊي ڏني، انهن فيصلن جو نتيجو اڄ ملڪ ۽ عوام ڀوڳي رهي آهي، هن چيو ته عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي  بجيٽ رد ڪري سمجهي ٿو ته هن عوام جو حق ادا ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف عوامي پارٽي هجي ها ته بجيٽ دوران پارليامينٽ ۾ ويهي اپوزيشن جو آئيني ڪردار ادا ڪري ها.