اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل فرحت  الله بابر اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف کان گرفتار ٿيل ايم اين اي علي وزير  جو پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اهڙو مطالبو ڪالهه هن اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان زرداري هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران به ڪيو ۽ اسپيڪر کي خط به لکيو،  پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيندو يا نه بابت سومر ڏينهن اسپيڪر پاران فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي.