ملتان (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل  جو اڪنامڪ سروي اسان جي دور جي معيشت جي تعريف ڪري رهيو آهي، هو پاڻ چئي رهيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان عباسي پيٽرول جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، بلاول چوي ٿوته پي ٽي آءِ ايم ايف آهي، پر جي اوهان ناهيو ته آءِ ايم ايف کي رد ڪري ڇڏيو، سندن مقصد نيب کي ختم ڪرڻو هو جيڪو هنن ڪري ڇڏيو، ميثاق معيشت هي ڪنهن سان ڪرڻ چاهن ٿا. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي جي ويهن سيٽن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي سرڪاري اميدوارن 14 سيٽن تي ڪاميابي جي هاڻي کان ئي دعويٰ  ڪري ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال ۾ عام چونڊن جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته صلاح مشوري ۽ دوستن جي اتفاق راءِ سان زين قريشي کي ٽڪيٽ ڏني، اسان الڪيشن ان وقت وڙهي رهيا آهيون جڏهن حڪومت اسان جي خلاف آهي، اڄ پارٽي تي ڏکيو وقت آهي اسان پاڻ کي آزمائڻ لاءِ پيش ڪيو آهي، اسان ميدان ۾ لهي دقيانوسي نظام کي بدلائڻ چاهيون ٿا، چونڊن کان اڳ ئي سرڪاري اميدوار فنڊن جو اعلان ڪري رهيا آهن، بدليون ۽ مقرريون ٿي رهيون آهن، پر سرڪاري اميدوارن جي خلاف مخالفن جو موقف نٿو ٻڌو وڃي. لانگ مارچ بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ان لاءِ انتظار ڪيو.