ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان قرضن تي ملڪ هلائي ايندڙ نسلن لاءِ کڏ کوٽي رهيو آهي، سخت شرطن تي قرض کڻڻ سبب ايندڙ حڪومتن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ڪستو کڻي واشنگٽن، رياض ۽ دبئي گھمندو رهيو، جنهن سان مُلڪي وقار کي ڇيهو رسيو آهي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي فيصلن جا اختيار به قرض ڏيندڙ ملڪن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. رڳو هن سال عمران خان 35 سيڪڙو اضافي سان 10 ارب ڊالر پرڏيهي قرض وٺي چڪو آهي، عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پرڏيهي قرض 21 ارب جي واڌ سان 95 مان 116 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جيڪڏهن انهي رفتار سان قرض کنيا ويا ته حالتون خراب ٿي وينديون. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي ٻچي ٻچي کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان صاحب! ملڪي ترقي جون دعوائون ڪرڻ کان اڳ عام ماڻهو جي پگهار ۽ سندن گھر جي حالتن جي به خبر وٺو.