اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پهريان ناڻي جو وفاقي سيڪريٽري تبديل ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت ناڻي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامران علي افضل کي بدلي ڪري کيس صنعت پيداوار جو وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سيڪريٽري طور مقرر ٿيل گريڊ 21 جي آفيسر يوسف خان کي ناڻي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري طور انچارج سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صنعت پيداوار وزارت جي وفاقي سيڪريٽري سهيل راجپوت کي آءِ ٽي وزارت جو وفاقي سيڪريٽري، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سيڪريٽري شعيب احمد صديقي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اهڙا نوٽيفڪيشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جاري ڪري ڇڏيا آهن.