ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته ڪراچي ۾ گٽر نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، وڏي وزير شروعاتي طور تي 50 ڪروڙن جي گرانٽ جاري ڪئي آهي. برساتي نالن جي صفائي واري ڪم جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي ايم سي جي 38 وڏن نالن ۽ ڊي ايم سيز جي 514 ننڍن، وڏن نالن جي صفائي جي شروعات ڪئي وئي آهي هن چيو ته ڪراچي جي 7ضلعن ۾ 21 جڳهن تي نالن جي  صفائي جو ڪم ٿي رهيو آهي. ڪچرو لينڊ فل سائيٽ تي پهچڻ بعد ٺيڪيدارن کي ادائگي ڪئي ويندي. هن چيو ته محمودآباد، اورنگي ۽ گجرنالن تي وفاقي ادارن ايف ڊبليو او، اين ڊي ايم اي ۽ اين ايل سي سان ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر شاھ چيو ته ارسا ۾ بدمعاشي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي نمائندي سان غيرمناسب رويو اختيار ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي. پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪي ڇڏيو آهي هن چيو ته گيس سنڌ مان وڃي ٿي، پوري ملڪ کي سامان پورٽ مان وڃي ٿو پر اسان ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڳالهه ناهي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان سندس آجيان ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اسان جي ادارن ۾ مضبوط رابطا آهن پاڪ فوج، ڊي جي رينجرز ۽ حساس ادارن سنڌ حڪومت جي هميشه مڪمل مدد ڪئي آهي، ڪراچي ۾ گڏيل آپريشن هو، جنهن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن سنڌ پوليس ڪري رهي آهي، اسان جي او سي پنوعاقل ۽ رينجرز سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ڌاڙيلن وٽ ايڏا وڏا هٿيار ڪٿا آيا؟ ملڪ خلاف ڪم ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو گڏجي خاتمو آڻڻ جي ضرورت آهي، جن کي افغانستان ۽ را جي مدد حاصل آهي.