ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ صحافي حامد مير جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ٽوئيٽر طرفان سهولت ختم ٿيندي ئي ”بليو ٽڪ“ هٽايو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ٽوئيٽر تي 19 ملين کان وڌيڪ فالوئر آهن ۽ سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بليو ٽڪ گم ٿي ويو آهي. پر رڳو ان سان ائين ناهي ٿيو، ان ۾ دنيا جون ٻيون وڏيون ۽ اهم شخصيتون به شامل آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، موجوده ڪپتان بابر اعظم، جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو، ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن توڙي ادارن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بليو ٽڪ گم ٿي ويو آهي.