لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سياسي پارٽين سان اليڪشن تي ڳالهيون ڪيون پيا، عيد کان پوءِ ڳالهين جو سلسلو اڳتي وڌائينداسين.  هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته مولانا فضل الرحمان جي جمهوري سوچ آهي، ان کي قائل ڪنداسين، هڪ صوبي ۾ چونڊن سان انارڪي ٿيندي. هن چيو ته شهباز، سپريم ڪورٽ ۽ عمران خان هن بند گھٽيءَ مان نڪرڻ چاهين ٿا.  عمران خان به مثبت هو. پر پلن هيٺان پاڻي وهي چڪو آهي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽيون عيد کان پوءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي وينديون.  متفق تاريخ تي پهچڻ ۾ وقت لڳندو.  هن چيو ته اليڪشن هڪ يا ٻن پارٽين جو نه پر 23 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي.  لاڳيتو سياسي جماعتن سان رابطي ۾ آهيان.  اميد آهي ته ڪنهن حل تي اتفاق ٿي ويندو.