لاهور (م ڊ) قاف ليگ پاران پنجاب چونڊن ۾ سڀني سيٽن تي اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته جھونا سياسي اڳواڻ ئي ناممڪن کي ممڪن ڪندا آهن. ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ پنجاب جي چونڊن بابت مسلم ليگ ق جي وڏن جو اجلاس چوڌري شجاعت جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن م چونڊن لاءِ سٺن اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  اجلاس ۾ مفاهمتي عمل لاءِ پارٽي جي چار رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، جن ۾ چوڌري سرور، طارق بشير چيما ، چوڌري سالڪ حسين ۽ چوڌري شافع شامل آهن. چوڌري شجاعت اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ڪنهن به صورت ۾ ادارن جي هر هر ورڇ برداشت نٿو ڪري سگهي. سياسي اختلافن کي پوئتي رکي ملڪ جي وسيع مفادن لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي بيهڻ گھرجي. ان موقعي تي چوڌري سرور چيو ته پاڪستان مسلم ليگ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهي ٿي. هڪ ڏينهن چونڊون نه ٿيون ته سياسي بحران وڌي ويندو. پنجاب ۾ اليڪشن جي حوالي سان پارٽي ٽڪيٽون جلد اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائينداسين.