اسلام آباد (م ڊ) فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان پاران تڏهوڪي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ هاڻوڪي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي هٽائڻ  بابت ڳالهيون درست آهن. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جنرل عاصم منير کي ايمانداري سان ڪم ڪرڻ تي هٽايو، هن جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڌرڻو هنيوهو. الله تعاليٰ جي مدد هئي تڏهن جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻيو. هن چيو ته عمران خان جنرل عاصم منير ک سينيٽ مينيج ڪرڻ لاءِ چيو،جنهن کان هن انڪار ڪيو. ماڻهن وڏي ڪوشش ڪئي ته هو آرمي چيف نه ٿئي.  هن چيو ته جنرلعاصم منير ثبوت پيش ڪيا، ٻئي ڏينهن عمران خان کيس هٽائي ڇڏيو. مون اڳ ئي عاصم منير کي چيو هو ته توهان جيڪو ڪيو پيا ان سان توهان کي نقصان ٿيندو. جنرل عاصم چيو ته تون چوين ٿو ته پنهنجي ملڪ سان بي ايماني ڪريان؟   جنرل فيض حميد خلاف ڪارروائي بابت سوال تي هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اندروني طور ان بابت ڪجھه ٿي رهيو هجي ۽ اسان کي ان جي خبر نه هجي. هن دعويٰ ڪئي ته ارشد شريف جو قتل به عاصم منير کي آرمي چيف ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ هو.