ڪنڌڪوٽ/گهوٽڪي (نمائندون وٽان) گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ اغوا وارداتن خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾ ٻالڪ ثمرت ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پئنچائت ۽ قومرست تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو ۽ گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ئي وئي، ان موقعي تي هندوپئنچائت اڳواڻ نند لال، قوم پرست تنظيمن جي والي ڏنو سنڌي، شاهنواز مرهيٽو، وڪيل برادري جي عبدالغني بجاراڻي، سڪندر شاهه، ڊي ايم سبزوئي، محمد نواز بنگوار، ذوالفقار چاچڙ ۽ ٻين چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 7 وارداتون ٿيون آهن، جنهن ۾ 7 نوجوان زخمي ٿيا ۽ نينگر ثمرت ڪمار، واجد ۽ وڪيل مظهر گولو اغوا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته شهر جون حالتون رحم جوڳيون ٿي ويون آهن پوليس ڪٿي به نظار نه پئي اچي، هاڻ لڳي ائين ٿو ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان مان لڏپلاڻ ڪجي ۽ هي شهر ڪنڌڪوٽ ڇڏي وڃجي، هتي نه ڪنهن جي جان محفوظ آهي ۽ نه ئي مال محفوظ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٻالڪ ثمرت ڪمار سميت اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائي بدامني ختم ڪرائي وڃي، هوڏانهن ايس ايس پي عرفان سمون چيو ته مون خلاف سوچيل سمجهيل سازش ٿي رهي آهي، پوليس قربانيون ڏئي شهادتون ماڻي ڏوهارين جي رستا روڪ ڪري رهي آهي، ٻالڪ کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، ٻئي پاسي گهوٽڪي مان اغوا ٿيل 2 ڀائرن اشفاق گهوٽو ۽ آفتاب گهوٽو جي بازيابي لاءِ گهوٽا برادري ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن شھر جو ڪاروبار بند ڪرائي قادرپور باءِ پاس کان گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي گيٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي الهوسايو گھوٽو، زاھد گھوٽو، ايڊوڪيٽ لعل بخش، محمد حسن چاچڙ، ملوڪ ڀٽو ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ بدامني جي باهه ٻري وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گهوٽا ڀائرن کي بازياب ڪرايو وڃي. هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي پئي آهي ماڻهو روز اغوا ٿيڻ پيا پر پوليس گهوٽڪي واسين کي تحفظ فراهم ناهي ڪري سگهي.