ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڪمند جي فصل مان نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ،  نينگر گلاب ڀيل 2 ڏينهن کان گم هو، ان ڏس ۾ ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ چوڌري شميم آرائين واسي 16 ورهين جي نينگر گلاب پٽ گرڌاري ڀيل جو تشدد ٿيل لاش ڪمند جي فصل مان هٿ آيو، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو،پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو،  ٻي طرف  فوتي نينگر جي وارثن موجب ته گلاب گذريل ٻن ڏينهن کان لاپتا هو، اڄ سندس   بدترين تشدد ٿيل ڪمند جي فصل مان لاش هٿ آيو آهي، هنن چيو ته نينگر کي بدفعلي بعد قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، ڪنهن سان دشمني ناهي، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ٻي طرف پوليس موجب ته  واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.