اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته 9 مئي کان هن وقت تائين عمران خان پرتشدد مظاهرن ۽ حساس تنصيبن تي حملن تي ڪيترائي ڀيرا موقف تبديل ڪيو آهي، 9 مئي جي حوالي سان ان معذرت وارو رويو اختيار ڪيو آهي، عمران خان هن وقت تائين 9 مئي جي بدترين حملن جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان جو اهو رويو ملڪ کي ڪنهن نئين سانحي جي ور چاڙهي ڇڏيندو، 9 مئي جو دفاع ڪرڻ انهن حملن ۾ حصيدار هجڻ جي برابر آهي، عمران خان کي انهن شرمناڪ واقعن تي ملڪ ۽ قوم کان معافي گهرڻ گهرجي، پر افسوس آهي جو اڄ تائين 9 مئي جو دفاع ڪري رهيو آهي، عمران خان 60 ارب ڊالر جي اوپن اينڊ شٽ ڪيس ۾گرفتار ٿيو هو، ڪنهن فرضي ڪيس ۾ گرفتار نه ٿيو هو، ان پنهنجي گرفتاري کي ”ريڊ لائين“ ڪيئن قرار ڏنو؟ ڇا عمران خان هن ملڪ ۽ قانون کان مٿانهون آهي؟ عمران خان پاڻ کي ملڪ جي ”ريڊ لائين“ سمجهڻ بند ڪري، قوم جي ريڊ لائين پاڪستان ۽ قانون آهي،عمران خان نه آهي، هاڻي پرتشدد، انتشار ۽ تقسيم واري سياست جي ملڪ ۾ ڪا جاءِ نه آهي،