اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ناڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي وزير ۽ نيشنل بينڪ جي صدر جي شرڪت نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظاهر ڪيو ويو، ڪاميٽي ميمبرن ناڻي وزير ۽ نيشنل بينڪ جي صدر خلاف تازو منظور ٿيل توهين پارليامينٽ جي قانون کي استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪئي جڏهن ته  ڪاميٽي نيشنل بينڪ جي صدر جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ان جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڃڏيو آهي .  قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت ڪاميٽي جو اجلاس قيصر احمد شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، ڪاميٽي ناڻي وزير اسحاق ڊار جي ڪاميٽي ۾ غير حاضري تي ڪاوڙ اظهار ڪيو، پيپلزپارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو ته اسان کي ان وقت قانون سازي ڪرڻ گهرجي جڏهن وزير موجود هجي اهو اصول رکڻ گهرجي، ڪاميٽي چيئرمين قيصر احمد شيخ چيو ته ناڻي وزير اڄ تائين ڪاميٽي اجلاس ۾ نه آيو، ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني چيوته ناڻي وزير جي نه اچڻ تي اسان احتجاج ڪيون ٿا، ناڻي وزير کي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي،  ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته نيشنل بينڪ جو صدر نه آيو آهي پينشنرن جو مامرو اهو ڏسي رهيو آهي، ناڻي وزارت ۽ ڪاميٽي نيشنل بينڪ جي صدر کان پڇي ته اهو  ڇو نه اچي رهيو آهي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ناڻي وزير به نه اچي رهيو آهي ۽ نيشنل بينڪ جو صدر به نه ٿو اچي، ڪاميٽي جي ميمبرن پارليامينٽ جو اختيار استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ نيشنل بينڪ جو صدر نه آيو ته ان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا، ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ سڀ کان وڏو چيلينج آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ خساري ۽ مهانگائي جو توازن قائم ڪرڻو پوندو، ايندڙ بجيٽ ٽيڪس فري نه ٿا ڏئي سگهون، جيڪڏهن ٽيڪس آمدني وڌائي وئي ته خسارو بي قابو ٿي ويندو، معيشت ۾ ايترو بگاڙ آهي جو هڪدم ٺيڪ نه ٿا ڪري سگهون، معيشت جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪيترائي مهينا لڳندا، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي نگران حڪومتن معاشي ڪارڪردگي بهتر نه آهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون نگران حڪومتون مهانگائي خلاف ايڪشن نه کڻي رهيون آهن ذخيره اندوزن خلاف ڀرپور ڪارروايون نه ڪري رهيون آهن، خالد مگسي پنهنجي ئي حڪومت تي ڏمرجي پيو، هن چيو ته اسان جي حڪومت عوام کي سهولتون خيرات ۾ ڏئي رهي آهي، عوام کي صرف ٻه ڪلاڪ بجلي ملي ٿي، حڪومت کي عوام جو احساس ناهي،  صلاح الدين ايوبي به پي ڊي ايم حڪومت تي ڏمرجي پيو. هن چيو ته بلوچستان جي عوام سان لاڳيتو ماٽيلن وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي.