اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف عمران خان پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جا بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي عمران نيازي جي بُري ارادي ۾ ڪا غلطي نه ڪيو، هو 9 مئي واقعن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ حقن جي ڀڃڪڙي جا بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ادارن خلاف گندي ٻولي استعمال ڪري، ماڻهن کي تشدد تي اڪسائي، رياستي علامتن ۽ فوجي ملڪيتن تي حملا ڪري ۽ شهيدن جا يادگار ڊاهي، اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگھي ٿو.