لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جو ڪو به پلان نه هو. نجي ٽي وي جي پروگرام”نيا پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي عامر مير چيو ته اسلام آباد پوليس عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ آئي آهي، عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن ناهي ٿي رهيو، زمان پارڪ ۾ جيڪو آپريشن ٿي رهيو آهي اهو عدالتي حڪمن تي ٻڌل هو، هن چيو ته عدالت جي اصرار تي پنجاب جي انتظاميه تحريڪ انصاف سان معاهدو ڪيو آهي، هن چيو ته مون لفظ جنگجو استعمال ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڪي پي جا ويڙهاڪ زمان پارڪ ۾ آهن، اقبال احمد جو وڊيو بيان به آيو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اهي زمان پارڪ ۾ آهن، بسم الله ۽ عبدالله جو نالو به آيو آهي، اسان جيڪي زمان پارڪ ۾ آهيون، اهي ماڻهو اڪيلا نه هئا، پر پاڻ سان گڏ پنهنجو جٿو کڻي آيا هئا. نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته 14 ۽ 15 مارچ تي تشدد ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.