اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سرڪاري ٽي وي ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته آمريڪا ۽ ان جي لابي عمران خان جي حق ۾ متحرڪ آھي، هن چيو ته عمران خان غير ملڪي ۽ يهودي ايجنٽ آھي، عمران خان جي ايجنڊا آئين جي خلاف آھي، فضل الرحمان چيو ته براڊ شرمن مسلمانن خلاف ۽ اسرائيل جي حق ۾ ڳالهيون ڪري ٿو، اهو عمران خان جي حق ۾ بيان ڏئي رهيو آھي، زلمي خليل سي آءِ اي جو ملازم آھي، پاڪستان جو ڳجهو دورو ڪري عمران خان سان ملاقات ڪري ويو آھي ۽ عمران خان جي  حق ۾ ڳالهائي رهيو آھي، هن چيو ته عمران خان کي عدالتون گهرائي رهيون آھن پر هو پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه آھي ان جو جيل ڀريو تحريڪ وارو جذبو ڪاڏي ويو؟  هڪ شخص لاهور کي نوگو ايرايا ٺاهيو آھي، قانون هٿ ۾ کنيو آھي ان کي ان جي ڪهڙي قانون تحت اجازت ڏني پئي وڃي ان جا ٽائيگر بندوق , پٿر ۽ پيٽرول بم هڻي رهيا آھن، اسان سمجهون ٿا ته عدالتن جي رويي تي قوم کي اعتماد نه آھي، عدالتن جو رويو جانبدارڻو آھي مجرم کي تحفظ ڏنو پيو وڃي.