جروار (ن پ ا) گهوٽڪي جي اڳوڻن اتحادين وچ ۾ ٻيهر سياسي ويجهڙائيءَ جا امڪان. جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر مهر پنهنجي اڳوڻي اتحادي سردار رحيم بخش بوزدار جي رهائشگاھ ڳڙھي چاڪر پهچي ويو. ذريعن موجب سردار رحيم بخش بوزدار سان ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گھوٽڪي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پراڻن اتحادين ۾ ملاقات بعد ٻئي ڄڻا گڏجي قبرستان ويا، جتي علي گوھر مھر رحيم بخش بوزدار جي وفات ڪري ويل وڏن جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي. ذريعن موجب ٻنهي سردارن وچ ۾ ان ملاقات کي سياسي حلقا وڏي اھميت ڏئي رھيا آھن. ھوڏانھن بوزدار ھائوس جي ترجمان موجب سردار علي گوھر مھر سردار رحيم بخش بوزدار جي وڏن جي قبرن تي فاتح خواني ڪرڻ لاءِ آيو هو، وڌيڪ سياسي ملاقات بابت کيس ڪابه ڄاڻ نه آهي. واضح رهي ته سردار رحيم بخش خان بوزدار ۽علي گوهر مهر جو اتحاد پراڻو ۽خانداني هو پر ڪجھه مهينا اڳ رحيم بخش خان بوزدار علي گوهر مهر سان سياسي تعلقات ختم ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.