ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عاشوري جو ڏهاڙو اڄ مذهبي عقيدت ا۽ احترام سان ملهايو ويندو. جنهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي کي به الرٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پوليس جو گشت وڌايو ويو آهي ۽ شڪي ماڻهن جي چرپر تي نظر رکي پئي وڃي.