حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ٽرانسفارمر ڌماڪي بعد معطل ٿيل ايڪسيئين کي بحال ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. حيسڪو جي ڊپٽي مئنيجر (سي ايم) سعيد خان جي صحيح سان جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2 آگسٽ تي حيسڪو پاران ايڪسيئين لطيف آباد ظفر سولنگي کي گرفتاري بعد انڪوائري لاءِ هٽايو ويو هو جنهن کي ٻيهر ساڳئي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي. اي سيڪشن پوليس لطيف آباد جي ايڪسيئين ظفر سولنگي کي جاچ ۾ شامل ڪري 31 جولاءِ تي گرفتار ڪيو. بعد ۾ ايڪسيئين 5 اگسٽ تي ضمانت ڪرائي آزادي ماڻي هئي. 22 جولاءِ تي اڪبري مسجد ڀرسان ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا. اي سيڪشن پوليس واقعي ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي حيسڪو جي 5 ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو. ڪيس ۾ نامزد هڪ ايل ايس سليم راجپوت گرفتار ٿيو هو پر ان به پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏي. هڪ ڄڻو فيصل قريشي فوت ٿي ويو. 3 ڄڻا اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.