سجاول جوڻيجو (ن پ ا) عرضي ڀٽو مان سماجي اڳواڻ اميد بوزدار ۽ صحافي نيڪ محمد ساريو کي موبائل جي دڪان تان سجاول جوڻيجو پوليس گرفتار ڪري وئي،  بعد ۾ ايس ايڇ او صحافي نيڪ محمد ساريو کي ڇڏي ڏنو. اميد بوزدار جي گرفتاري اخلاف بوزدار، ڀٽا، ساريا ۽ ڀنگر برادري جي ماڻهن رتوديرو خضدار نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو. پنڃل بوزدار، زاھد بوزدار، جعفر بوذار، محمد صالح ڀٽو، نيڪ محمد ساريو جو چوڻ هو ته ايس ايچ او سجاول جوڻيجو سماجي اڳواڻ اميد بوزدار ۽ صحافي نيڪ محمد ساريو کي گرفتار ڪرڻ بعد  صحافي نيڪ محمد ساريو کي ڇڏيو.ھوڏانھن  ايس ايچ او سجاول جوڻيجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سماجي اڳواڻ کي گرفتار ناهي ڪيو، ٿي سگهي ٿو اسپيشل ٽيم وارا ان کي کڻي ويا هجن، جاچ ڪيون ٿا.