سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ ڀرسان ڳوٺ ڪامل پليپوٽو جو پرائمري اسڪول هن جديد دور ۾ بنا عمارت جي هلي رهيو آهي، اسڪول ۾ فرنيچر سميت ڪنهن قسم جي ڪا سهولت نه آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙا سخت سردي ۾ به هيٺ پيٽ تي کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن، ڳوٺاڻن بچل پليپوٽو، مصري پليپوٽو ۽ ٻين اهڙي وڊيو وائرل ڪري سوشل ميڊيا تي دانهيو آھي ته 2010ع جي مهاٻوڏ ۾ پٽ پيل اسڪول عمارت سرڪار اڄتائين تعمير نه ڪرائي، فرنيچر ٻي سهولت به نه هجڻ تي اسانجي گلن جهڙا معصوم ٻار سخت سردي ۾ به پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آھن، وس وارا نوٽس وٺي اسڪول عمارت ۽ ضروري سهولت ڏنيون وڃن جئين هتان جا ٻار به بهتر تعليم حاصل ڪري ملڪ جي مستقبل سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.