چونڊڪو: باهه واري علائقي  لکيارو نئون آباد  ڪور واري ڍاڻي  محمد وارو تڙ اچري وارو تڙ جي رهواسين  جي چوپايو مال جون   چراگاهون آھن، ان سان گڏ  اتي عرب شڪارين جا شڪار گاهه به آهن، جنهن سبب هن علائقي ۾  مقامي ماڻھن ۽ عربن جي راکن وچ ۾  2021 کان تڪرار هلندڙ آهي، باهه جي لپيٽ ۾ آيل ايرا ضي به اها ايراضي آھي جتي عربن جي راکن ۽مقامي ماڻھن ۾ تڪرار هلندڙ هو، مقامي ماڻهن پاران عرب شڪارين جي راکن تي باهه لڳائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.ان حوالي سان کپرو پهتل مقامي ماڻھن طالب، مٺاخان، ساجن فقير موجب ته باهه تي ڪنٽرول ناهي ٿيو، هنن باهه جا الزام عرب شڪارين جي  راکن تي هنيا آهن. علائقي واسين موجب ته باهه واري علائقي۾ هن سال برسات بعد ٿيل گاهه جي اونچائي ايتري هئي جو اتي سائبيريا ۽  روس جي ٿڌن ملڪن کان  ڪهي ايندڙ   تلور پکي  رهي ٿو، گاهه  4 فٽ ھئڻ ڪري تلور پکي راکن کي نظر نٿو اچي.