کپرو (ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ اڇڙي ٿر سنجرواري پوسٽ وٽ  جهنگل کي باهه  سڪل گاهه، وڻ،  جهنگلي جيوت ۽  چوپايو مال ساڙي رک ڪري ڇڏيو،  خيرپور ميرس جي سرحدي علائقي هنج واري ڪڍي  سنجرس واري پوسٽ وٽان لڳل باهه اک ڇپ ۾ ميلن تائين پکڙجي وئي، جڏهن ته ناري تعلقي جي سرحدي علائقي اڇڙو ٿر ۾ چراگاهن کي لڳل باهه تي اڃا تائين مڪمل طور ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ مقامي رهواسين مٺاخان راڄڙ، ساجن راڄڙ، ساڏور،  گل محمد راڄڙ موجب ته باهه گاهه کي مڪمل ساڙي ڇڏيوآھي، پر وڻن کي لڳل باهه سبب ٿڙن ۽ ڪاٺين مان باهه جا شعلا ۽ دونهون اڃا تائين نڪري رهيو آهي، باهه وڌيڪ علائقو ساڙي سگهي ٿي، هنن چيو ته علائقي کي بچائڻ لاءِ مقامي ماڻھو ۽  رينجرس اهلڪار باهه کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن. کڏا ۽ رستا ٺاهي باهه وچ ۾ وٿيون ڌيون آھن، مقامي ماڻهن موجب ته  50 اسڪوائر ڪلوميٽر جي،12 هزار 3 سو پنج ونجاهه  12355.3  ايڪڙ زمين جي ايراضي تي پکڙيل گاهه ۽ وڻ ٻوٽا سڙي ويا آهن، جنهن جي ايراضي 12355.3  ايڪڙن تي پکيڙيل   آھي باهه جي پکيڙ   40 کان 50  ڪلوميٽرن  تي مشتمل آھي،ڪنڊي، کٻڙ،  ڪرڙ، اڪ، ڦوڳ،  ڪڀٽ، ٻير، سرڻ، کپ  ۽ ٻيا قيمتي ٻوٽا ۽ گاهه سڙي ويو آهي،جڏهن ته سڙي مري ويل  جانورن  ۽ پکين جي نقصان  جو به ڪاٿو نه لڳي سگهيو آھي.