سکر (بيورو رپورٽ) پ پ جِي اڳوڻي ايم پي اَي شهناز انصاري جَي قتل ڪيس جَي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي: مقتول شهناز انصاري جي ڌيءَ ڊاڪٽر فاطمه انصاري وڪيل سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پهتي، عدالت ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر فاطمه انصاري جو چوڻ آهي ته امڙ جي قاتلن جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، انصاف جي اميد آهي.