ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ۾ ناري پيءُ خلاف ٿاڻي تي پهچي وئي، زيادتي جي ڪوشش جو الزام هنيو ويو، ڳوٺ حسن نظاماڻي واسڻ 17سالن جي (پ شر) چاچي سان گڏجي ٿاڻي تي پهتي، ناري الزام هنيو ته سندس پيءُ عنايت الله شر زيادتي جي ڪوشش ڪئي، پوليس ناري کي نوابشاهه جي وومين ٿاڻي موڪلي ڇڏيو، ناري جي چاچي جو الزام آهي ته ڀائٽي کي اڳ ۾ به سندس والد زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، رات دير سان ڀاءُ جي گهر مان رڙيون آيون، ڀاءُ ڌيءَ سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، اسان جي پهچڻ بعد هو فرار ٿي ويو، ڀائٽي جو چوڻ آهي ته سندس والد هن سان اڳ ۾ به زيادتي ڪندو رهيو آهي.