عمان(دلچسپ نيوز) بار بار شاپنگ تي ڪورونا جي خوف سبب مڙس زال کي طلاق ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اردن جي عورت کي ڪجهه مهينن دوران ٽيون ڀيرو ڪورونا ٿي وئي، مڙس 3 ڀيرا ڪورونا ٿيڻ جو سبب زال جي بار بار شاپنگ کي قرار ڏنو، ٽيون ڀيرو ڪورونا ٿيڻ بعد شهري بيزار ٿي زال کي طلاق ڏني. ان حوالي سان شهري جو چوڻ هو ته زال دوستن شاپنگ لاءِ وڃي ٿي ۽ ڪورونا کڻيو اچي، انڪري سزا طور کيس طلاق ڏني. هن ٻڌايو ته اسان جي شادي کي 15 سال ٿي ويا آهن، زال شاپنگ جي شوقين هئي انڪري هو تنگ اچي ويو هو.