باڊھه (ن پ ا) سنڌ جي مشهور اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار لالا عبدالحسين ساريو جي وڇوڙي کي 10ورهيه گذري ويا، سندس ورسي جي ڏھاڙي تي کيس نه ثقافت کاتي ياد ڪيو ۽ نه وري ڪا تقريب منقعد ڪئي وئي، لالاعبدالحسين ساريو باڊهه شهر ڀرسان ڳوٺ گُند شريف ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي هوندي کان ئي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو وڏو شوق هو، عبدالحسين ساريو 1985 ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊھه کان هڪ اسٽيج ڊرامي (منزل) کان فن جي شروعات ڪئي، هن پي ٽي وي ۽ مختلف سنڌي چينلن سميت 250 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪري وڏي شهريت ماڻي، عبد الحسين ساريو کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا، هو 8 اپريل 2011ع تي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.