لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ميرا کي آمريڪا ۾ چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان حوالي سان سندس والدا ميڊيا کي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪنهن منهنجي ڌيءُ کي آمريڪا ۾ مينٽل اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته 5 اپريل تي ميرا سان سندس آخري ڀيرو ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ هن ٻڌايو ته کيس مينٽل اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته منهنجيڌيءُ اسپتال ۾ گوڙ به ڪيو ته هو مينٽل ناهي پرڊاڪٽرن کيس نه ڇڏيو ۽ چيو ته سندس ٽيسٽون ٿينديون.ٻئي طرف ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ميرا جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، کيس ان ڪري داخل ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب اداڪاره جون پهرين ٽيسٽون ٿينديون، بعد ۾ کيس وڃڻ ڏنو ويندو،هوڏانهن ساٿي اداڪارن جو چوڻ آهي ته ميرا جي ذهني حالت بلڪل ٺيڪ آهي . ڪنهن شرارت ڪري کيس اسپتال داخل ڪرايو آهي، هنن ان معاملي تي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور جاچ ڪرائي وڃي.