ڪوٽڙي (رپورٽر) نامياري شاعر انعام ٽکڙائي جو وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي پاران ڏک جو اظهار ۽ سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. س ا س پاران پاران انعام ٽکڙاي جو وڇوڙو قومي نقصان قرار ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت ڄام شوري جي ضلعي رابطه سيڪريٽري محبوب سنڌي، شاخ ڪوٽڙي جي سيڪريٽري صائب ميمڻ، ليکڪ آغا ظفر، مزاحمتي شاعر عاشق دادوي، اسڪالر الطاف ملڪاڻي، سرور سخيراڻي، ساس شاخ ڄام شوري جي سيڪريٽري ايوب جوڻيجو، ڪائونسلر فدا ڪلرائي، ساگر عالماڻي ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ نامياري شاعر انعام ٽکڙائي جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي کي سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب لاء قومي نقصان قرار ڏنو آهي،