ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ صحت کاتي  پاران عدالتي حڪم تي  پي ٽي آءِ ايم  اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس سرجن جي سربراهي ۾ 6 رڪني  بورڊ  جوڙيو ويو آهي. بورڊ ۾ جناح ۽ سول اسپتال ڪراچي جا ميڊيڪو ليگل آفيسر (ايم ايل اوز)، عباسي شهيد اسپتال جو اسسٽنٽ پوليس سرجن ۽ ٻيا ماهر ڊاڪٽر شامل آهن، پوليس سرجن ثميه سيد جي سربراهي ۾ جڙيل بورڊ پاران 23 جون تي صبح  جو 9 وڳي عامر لياقت جي قبر ڪشائي ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو، انهي موقعي تي لاڳاپيل  مئجسٽريٽ ۽ پوليس عملدار پڻ موجود هوندا، واضح رهي ته 9 جون تي ڊاڪٽر عامر لياقت جو مڙهه سندس گھر جي ڪمري مان مليو هو، جنهن کي بنا پوسٽ مارٽم جي درگاهه عبدالله شاھ غازي جي احاطي ۾ قبرستان ۾ دفنايو ويو هو.