ڪراچي (م ڊ/ نمائندن وٽان) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته  وڄ ۽ سائن بورڊ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪالهه راولپنڊي، اسلام آباد ۾ برسات پئي جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ملتان، لوڌران، بکر، پارا چنار ۾ به وسڪارو ٿيو ۽ ڳڙو پيو، باجوڙ، سوات، صوابي، مالاڪنڊ ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ڏکڻ وزيرستان ۾ تيز برسات کانپوءِ ڏڪار جو خاتمو ٿي ويو، سوات، باجوڙ، مالاڪنڊ سميت ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن به برسات پئي، مظفر ڳڙهه جي تعلقي ڪوٽ اڌو ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، سکر ۾ طوفاني برسات جي نتيجي ۾ وڻ ۽ سائن بورڊ ڪري پيا، وڻ ڪِرڻ سبب هڪ شخص قمر الدين مارجي ويو، همايون شريف ۾ تيز طوفاني برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، برسات ٿيڻ سبب وڪڙو، نيو سلطان ڪوٽ، اولڊ سلطان ڪوٽ ۽ ميان صاحب فيڊرس جي سوين ڳوٺن جي بجلي پڻ بند ٿي وئي، هوڏانهن پري مون سون جو مضبوط سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، ڪوهلو، بارکان، ڪوههِ سليمان، شيراني، ڊيره بگٽي رينج جي پهاڙي سلسلن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، پي ڊي ايم اي بارکان، ڪوهلو ۽ هرنائي جي ضلعن لاءِ فلڊ وارننگ جاري ڪري ڇڏي، برساتي نالن ويجهو آباد آبادين کي گهر ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي.