لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه اڄ 21 هين جون تي ملهائي ويندي، پيپلز پارٽي پاران تقريبون ۽ جلسا ڪوٺائي شهيد راڻي کي ملڪ  ۽ عوام لاءِ ڏنل قرباني عيوض ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، سالگرهه جي موقعي تي مرڪزي تقريب لاڙڪاڻي ۾ ٿيندي ۽ لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ وڏو جلسي عام پڻ ٿيندو، جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو جلسي گاهه جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته جلسي جي تيارين ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، هن چيو ته جلسي ۾ لاڙڪاڻي مان هزارن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندو ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پريشان رهندڙ سياستدان آهي کيس اُها به خبر نه ٿي پوي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي؟.