برلن (م ڊ) يوڪرين تي حملي جي ڪري عالمي طاقتن روس کان سون برآمد تي پابندي لڳائڻ تي اتفاق ڪري  ورتو. عالمي خابرو اداري موجب جي 7 ملڪن جي سربراهن روس جي مالياتي لائف لائن کي رد ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻندي روس کان سون برآمد ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ياد رهي ته وائٽ هائوس پاران جاري انگن اکرن موجب 2020ع ۾ سون جي سموري برآمد ۾ روس جو حصو لڳ ڀڳ پنج سيڪڙو هيو ۽ روس جي پيدوار جو 90 سيڪڙو جي 7 ملڪن کي برآمد ڪيو ويندو آهي. ڏکڻ جرمني ۾ جي 7 ملڪن جي اڳواڻن جي ٿيل ملاقات ۾ روس تي نين پابندين تي غور ڪيو ويو ته جيئن روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي جنگ جي خاتمي تي راضي ڪري سگھجي. هي فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ صنعتي ملڪن سان تعلق رکندڙ انهن جي هم منصب نيٽو جي ڀائيوارن جي ملاقات اسپين ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. روس کي يوڪرين تي حملو ڪرڻ تي 5 مهينا ٿيڻ وارا آهن ۽ ان دوران سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي کان وٺي خوراڪ جي بحران ۽ توانائي جي کوٽ تائين ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جي 7 اڳواڻن روس جي يوڪرين تي حملي جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ ڏڦيڙ جي وڌندڙ خطري سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.