حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سخي پير واري علائقي بابا فريد پلازه ۾ نشي  ۾ ڌت نوجوان پنهنجي والده کي ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي عورت مسمات شبانه کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته علائقي واسين نشي ڌت نوجوان علي پٽ اشرف کي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل نوجوان نشي جو عادي آهي جنهن پنهنجي والده شبانه کان نشي لاءِ پئسا گهريا هئا ۽ انڪار تي هن پنهنجي والده کي ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته والده کي ڇريون هڻي زخمي ڪندڙ نوجوان تحويل ۾ آهي پر اڃا تائين سندس خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ڪو به ناهي پهتو. هوڏانهن پٽ هٿان ڇريون لڳڻ سبب زخمي ٿيل مسمات شبانه جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.