لاهور (م ڊ) عالمن جي وفد حڪومت طرفان پابندي مڙهيل قرار تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي. سعد رضوي کي پوليس حراست ۾ وٺي ڪوٽ لکپت جيل ۾ منتقل ڪيو هو. صاحبزادي حامد رضا جي قيادت ۾ عالمن جي وفد سعد رضوي سان جيل ۾ پهچي ملاقات ڪئي. ذريعن موجب عالمن جي وفد سعد رضوي کي احتجاج ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته عالمن جو چوڻ هو ته ڏڦيڙ ۽ ڀڃ ڊاهه سان پنهنجي ئي ملڪ جو نقصان ٿيو ان ڪري ملڪ ۾ امن امان جي کي قائم رکيو وڃي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته سعد رضوي کي ويڊيو پيغام جاري ڪرڻ جو چيو، جنهن ۾ مظاهرو ڪندڙن کان احتجاج ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي. عالمن سعد رضوي کان اپيل ڪئي ته لاهور ڌرڻو ختم ڪيو وڃي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته سعد رضوي ۽ عالمن جي وفد جي وچ ۾ 5 ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون جڏهن ته ڳالهين واري ٽيم افطاري به سعد رضوي سان گڏ جيل ۾ ڪئي. ذريعن موجب عالمن سعد رضوي کي معاملا سنجيدگي سان حل ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفد ۾ صاحبزاده حامد رضا، ثروت اعجاز قادري، ميان جليل شرقپوري، صاحبزاده ابواالخير زبير ۽ ٻيا شامل آهن.