اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت مذهبي جماعت سان معاهدو ڪري غلط ڪيو، صوبن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، ناموس رسالت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿي سگهندو، لاهور واقعي تي حڪومت کي گهرجي ته پرامن طريقي سان حل ڪڍي، اسلام آباد احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت مذهبي جماعت سان معاهدو ڪري غلط ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ ٿيل واقعو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، مفتي منيب الرحمان ملڪ ۾ شٽرڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، ان ۾ جيڪو حصو وٺڻ چاهي ٿو بيشڪ وٺي، جنهن کي دڪان بند رکڻا آهن ڀلي رکي، پرامن احتجاج کي نه روڪينداسين، امن امان جو مسئلو ٿيو ته حفاظتي قدم کڻنداسين، مراد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ان مامري تي شروع کان صوبن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ان مامري کي حل ڪرڻ لاءِ صوبن سميت اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي، تڏهن ئي بهتر حل نڪرندو، سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ان حوالي سان ڇا ڪري رهي آهي اسان بي خبر آهيان، 6 ڏينهن اڳ معاملو شروع ٿيو تڏهن به دير سان خبر پئي، حڪومت جيڪو به فيصلو ڪري ان ۾ خيال رکي ته ڪنهن به مسلمان جو نقصان نه ٿئي، ناموس رسالت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي، هن چيو ته خبر ناهي مذهبي جماعت کي ڪهڙي آفر ڪئي ويندي، وقتي فائدي لاءِ ڪنهن وڏي تڪليف ۾ نه وجهن، صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. مراد شاهه چيو ته نيب پاران احتساب عدالت ۾ داخل ڪيل نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ڪيس ۾ جيترا واليوم پيش ڪيا آهن ايترا ته پاور پلانٽ به ناهن، هڪ ڪامياب منصوبي تي نيب منهنجي خلاف ريفرنس تيار ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي صحت کاتي آگاهي ڏني آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌيڪ ڦهلجي رهيا آهن، ان معاملي تي وفاق ڪو به ايڪشن نه ٿو وٺي، ڪورونا جي وبا کان بچڻ لاءِ پاڻ کي رستو ڪڍڻو پوندو، هن چيو ته پاور پلانٽ تي نيب جي انڪوائري سبب سنڌ حڪومت کي پيسا نه ملي رهيا آهن، احتساب عدالت 5 مئي تي ٻيهر گهرايو آهي.