اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر پاران اسپيڪر قومي اسيمبلي کي تڪراري قرار ڏيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت ۾ بزنس ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ جي ميمبرن جو اسپيڪر جي صدارت ۾ اجلاس جو بائيڪاٽ جاري، پيپلزپارٽي جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، تفصيل موجب مخالف ڌر پاران اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کي تڪراري قرار ڏئي ان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ ڪالهه پهريون ڀيرو اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ مان ڪنهن به ميمبر شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سيد نويد قمر، غلام مصطفيٰ شاهه، بي اين پي مينگل جي آغا حسن بلوچ شرڪت ڪئي، حڪومتي وزيرن پرويز خٽڪ، شفقت محمود، غلام سرور خان، فهميده مرزا، شيرين مزاري، علي محمد خان، عامر ڊوگر، خالد مگسي، اسلم ڀوتاڻي به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي هلندڙ سيشن جي اجلاسن جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جي هلندڙ سيشن جي اجلاس دوران ڪورونا ايس او پيز تي سخت عملدرآمد ڪيو ويندو، اجلاسن دوران سوالن جوابن جي ڪارروائي، ڌيان طلب نوٽيس ۽ عوامي مفادن لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي.