لاهور(م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز صدر عارف علوي کي شهيد فوجي جوانن جي جنازن ۾ شرڪت کان روڪڻ جو ذميوار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته صدر عارف علوي کي روڪڻ جا ذميوار رڳو پي ٽي آءِ جا ٽرولز نه آهن پر اهو فتنو آهي جيڪو پرڏيهي ايجنٽ بڻجي اسان جي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي. شهيدن خلاف اهڙي قسم جي شرمناڪ ڪيمپين سان نه رڳو شهيدن جي خاندانن جي دل ٽٽي پئي هوندي پر ان سان سڄي قوم جا جذبا مجروح ٿيا آهن.