اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پيٽروليم جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ هلندڙ سال يا ايندڙ سال سنڌ صوبي اندر پيدا ٿيندڙ گيس سنڌ صوبي جي ضرورت کان گهٽجي وڃڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال تائين سنڌ گيس پيداوار ۾ خساري ۾ ويندو تفصيل موجب سينيٽ جي اجلاس ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي خيبر پختونخوا سان تعلق رکندڙ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته خيبر پختونخوا صوبو پنهنجي ضرورت کان ٽيڻ تي وڌيڪ گيس پيداوار ڏئي رهيو آهي، خيبر پختونخوا ۾ گيس فراهمي جا وڌيڪ ڪنيڪشن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پيٽروليم جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ جواب ڏيندي چيو ته پنجاب صوبي ۾ گيس پيداوار گهٽ ۽ پنجاب صوبو گيس استعمال وڌيڪ ڪري رهيو آهي ان ڪري پنجاب صوبي جي ڪارخانن ۽ صنعتن کي ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ گيس بجاءِ ايل اين جي فراهم ٿئي ٿي، ڀاڻ فيڪٽرين کي ڪڏهن ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ گيس فراهم ٿيندي آهي ته ڪڏهن انهن کي ايل اين جي فراهم ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته هن سال يا ايندڙ سال سنڌ صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ گيس کان سنڌ صوبي جي گيس جي ضرورت وڌيڪ ٿي ويندي ۽ اهو صوبو گيس پيداوار ۽ استعمال جي حوالي سان خساري ۾ هليو ويندو، بلوچستان به گيس پيداوار ۽ استعمال جي حوالي سان خساري ۾ پهچڻ وارو آهي، اسان اها شئي وڪرو ڪندا پيا وڃون وڌيڪ ڪنيڪشن ڏينداسين ته ان جو واحد ذريعو ٻاهران مهانگي ايل اين جي امپورٽ ڪرڻ آهي، هن چيو ته گيس ۽ بجلي شعبي جو مجموعي گردشي قرض 4 هزار ارب تي پهچي ويو آهي، ملڪ جي دفاع جي ڪل بجيٽ 1500 ارب آهي، ترقياتي بجيٽ 700 ارب پر ان مان خرچ رڳو 500 ارب ٿئي ٿي، سموري وفاقي حڪومت جا خرچ 570 ارب رپيا آهن، جنهن  طريقي سان ملڪ هلايو پيو وڃي ائين ته پرچون جو دڪان به نه هلندو آهي.