اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي استعيفائن جي اعلان باوجود اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي پنهنجي استعيفا بدران موڪل منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هو 2 آگسٽ تي اسپيڪر کي لکيل درخواست ۾ چيو آهي ته اسيمبلي مان غيرحاضر رهڻ تي معافي ٿو وٺان، مڪاني چونڊن ۽ صحت ۽ خاندان سان گڏ ملڪ کان ٻاهر هجڻ جي ڪري اسيمبلي ۾ اچي نه سگهيس، ان ڪري منهنجي موڪل جي درخواست منظور ڪري سيپٽمبر تائين موڪل ڏني وڃي.