ڪابل(م ڊ) افغانستان جي طالبان حڪمرانن ڊرون حملي تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته گهر ۾ ايمن الظواهري  جي موجودگي جا ڪي به اطلاع نه آهن. جڏهن ته آمريڪا آئنده به ڊرون حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايمن الظواهري جي مارجڻ بعد طالبان شوريٰ رد عمل لاءِ مشاورت ڪئي جنهن ۾ ٻن ڏينهن تائين اجلاس ٿيندا رهيا. اجلاس ختم ٿيڻ بعد بيان جاري ڪري چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر گهر تي هوائي حملي ۾ القاعده جي سربراهه ڊاڪٽر ايمن الظواهري جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. ايمن الظواهري جي هتي آمد ۽ رهائش بابت طالبان حڪومت کي ڪو به اطلاع نه آهي. طالبان قيادت جاچ ۽ انٽيليجنس ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هن واقعي جي مختلف رخن کان جامع ۽ سنجيده جاچ ڪئي وڃي. بيان موجب افغانستان جي سرزمين کان آمريڪا سميت ڪنهن کي به ڪو خطرو نه آهي، اسان دوحا معاهدي تي عمل چاهيون ٿا ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حقيقت اها آهي ته آمريڪا اسان جي سرزمين تي حملو ڪيو ۽ افغانسان جي سرزمين جي ڀڃڪڙي ڪري سمورن عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اسان تي ظلم ڪيو جنهن جي اسان هڪ ڀيرو وري سخت مذمت ڪريون ٿا. اهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪنهن قسم جي نتيجن جو ذميوار آمريڪا هوندو. هوڏانهن آمريڪا جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊرون حملا آئنده به تيستائين جاري رکيا ويندا جيستائين اهو يقيني نه بڻجي وڃي ته افغانستان ٻيهر آمريڪا خلاف القاعده جي پناهگاهه نه بڻجندو. هن چيو ته اسان چوڪس رهنداسين ۽ ضرورت وقت ڪارروائي ڪنداسين، جيئن گذريل هفتي ڪيو. بائيڊن انتظاميا تيستائين طالبان سان رابطي ۾ رهندي جيستائين اهو آمريڪا جي مفاد ۾ هوندو.