واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايمن الظواهري کي مارڻ لاءِ آمريڪي ڊرون ڪرغزستان مان اڏاڻو. رپورٽ موجب اهو حملو اتر ڪرغزستان جي علائقي ماناس ۾ آمريڪي ٽرانزٽ سهولت گانسي ايئربيس تان ڪيو ويو. اهو ايئربيس بشڪيڪ جي عالمي هوائي اڏي ويجهو آهي جتي اڳ ۾ آمريڪي فوجي اڏو هو پر اهو 2014ع ۾ ڪرغيز حڪومت حوالي ڪيو ويو هو. آمريڪي انتظاميا اهو نه ٻڌايو آهي ته ڊرون ڪٿان اڏاڻو.