ڪابل(م ڊ) القاعده سربراهه ايمن الظواهري جي استعمال هيٺ ڪابل وارو گهر آمريڪي اهلڪارن جي استعمال هيٺ رهيو. ان باري ۾ اڳوڻي آمريڪي فوجي آفيسر ڊين سموڪ ٻڌايو ته آئون عراق ۾ مقرر هئس جتان واپسي تي مون يو ايس ايڊ ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪافي عرصو افغانستان ۾ رهيس. ايمن الظواهري جي مارجڻ واري خبر ۾ گهر جي تصوير ڏسي حيران ٿي ويس. هن چيو ته گهر جي بالڪوني مان حسين نظارا نظر ايندا آهن يقينن ايمن الظواهري به اهي نظارا ڏسندو هوندو.