اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايمن الظواهري ڪيل ڪارروائي ۾ پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته آمريڪي سفير طرفان پاڪ افغان بارڊر جي دوري جا تفصيل ناهن. القاعده سربراهه جي مارجڻ واري سوال تي ترجمان چيو ته ايمن الظواهري بابت ڪارروائي ۾ پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال جو ڪو به جوڳو ثبوت ناهي مليو. ڪشمير مسئلي بابت ترجمان جو چوڻ هو ته پنج آگسٽ تي ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾کنيل غيرقانوني قدم کي ٽي سال مڪمل ٿيندا، ڀارت لاڳاتار گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن سميت انساني حقن جي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج قابض آهي. عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون، انٽرنيٽ بندش ۽ ڪشمرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. ڪشميري ليڊرن کي حق خوداراديت لاءِ آواز اُٿارڻ تي قيد ۾ رکيو ويو آهي، ڀارت جي غيرقانوني قدمن خلاف اڄ يوم استحصال ملهايو ويندو . هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان چين جي علائقائي حدن جو احترام ڪري ٿو.