ڪراچي (م ڊ) القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري کي مارڻ واري آپريشن بابت تازي معلومات شيئر ڪئي وئي آهي. برطانوي اخبار ٽائيمز ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب آمريڪي انٽيليجنس کي خبر هئي ته ايمن الظواهري پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ رهندڙ هو جنهن بعد خبر ملي ته سندس خاندان ڪابل پهچي ويو آهي ۽ ڪابل جي شيرپور واري علائقي ۾ ٽه ماڙ عمارت ۾ رهي پيو. پوءِ خبر پئي ته الظواهري جو سپورٽ نيٽ ورڪ به ڪابل منتقل ٿي رهيو آهي. رپورٽ موجب آمريڪي حڪومت کي سالن کان خبر هئي ته ايمن الظواهري جو نيٽ ورڪ ڪابل ۾ موجود آهي، هلندڙ سال سندس خاندان، گهرواري، ڌيءُ ۽ ٻارن کي ڪابل ۾ هڪ محفوظ گهر ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي کين جاسوسي ٽوڙ طريقا به سيکاريا ويا. هو هميشه ٽماڙ عمارت ۾ رهندو هو جنهن ۾ رڳو ڀروسي وارن ماڻهن کي اچڻ جي اجازت هوندي هئي. هڪ اهلڪار موجب الظواهري جي گهرواري، ڌيءُ، پوٽي پوٽين جي آمد سان ئي يقين ٿي ويو ته آخرڪار هو پاڻ به سامهون ايندو ۽ پوءِ اپريل جي شروع ۾ خبر پئي ته هو ڪابل پهچي ويو آهي آپريشن جي تيارين لاءِ اها خبر فوري طور تي صدر بائيڊن کي ڏني وئي آپريشن جو مقصد الظواهري کي مارڻ ئي هو. هو ڪڏهن به گهر کان ٻاهر نه نڪتو. سندس ڪابل ۾ موجودگي جي تصديق تڏهن ٿي جڏهن هو گهر جي بالڪوني ۾ سڀني کي بيٺل نظر آيو، هڪ آمريڪي اهلڪار ٻڌايو ته اسان ڪافي دير تائين کيس بالڪوني ۾ بيٺل ڏٺو، هفتن تائين سيٽلائٽ وسيلي سندس نگراني ڪئي وئي. سي آءِ اي ان گهر جهڙو ماڊل واشنگٽن ۾ ٺاهيو ويو. بائيڊن 25 جولاءِ تي آخري اجلاس بعد حملي جي اجازت ڏني، وائيٽ هائوس جي بنڪر هائوس مان ان جي نگراني ڪئي وئي. وڪيلن به ان حملي جي قانوني رخن جو جائزو ورتو. انٽيليجنس آفيسرن موجب صبح 6.18 وڳي ڊرون مان فائر ڪيل ٻه هيلفائر ميزائل الظواهري جي گهر جي بالڪوني سان ٽڪرايا جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو پر خاندان جا ٻيا ڀاتي محفوظ رهيا، گهر جون دريون تباهه ٿيون پر حيرت انگيز نموني  ٻيو ڪو نقصان نه ٿيو.