نئون دمبالو(ن پ ا) نئون دمبالو ۾ وطن دوست جمهوري پارٽي جيئي سنڌ محاذ عوامي ورڪر پارٽي پاران اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٽئين ورسي ملهائي  وئي، جنهن کي طبقاتي جدوجهد  جي اڳواڻن ڪامريڊ ايوب ڪنڀر ڪامريڊ مختيار ميمڻ علي شاھ ڪامريڊ اقبال اعجاز احمداڻي ھاشم کوسو ھمت پتافي معروف احمداڻي عرض محمد رڪڙ ڪامريڊ بخشل لگهو ۽ ٻين ڪامريڊن چيو ته ڪامريڊ محمد خان احمداڻي پنهنجي سڄي زندگي طبقاتي نظام جي خاتمي ۽ عام انسان جي حقن جي جاکوڙ ۾ وقف ڪري ڇڏي ھنن چيو ته ڪامريڊ هميشه غريب ڏتڙيل ۽ ھارين جي حقن لاء جدوجهد ڪئي ڪامريڊ جي صحبت ۾ رھندڙ نوجوان به سندس مشن ۾ قدم سان قدم ملائيندي عام انسان جي فلاح ۽ بهبود لاء ڪم ڪندا رھيا آھن.