جڪارتا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان مينز ايشيا هاڪي ڪپ ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ انڊونيشيا کي ٻڙيءَ جي مقابلي ۾ 13 گولن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارتا ۾ جاري مينز ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان بهترين راند پيش ڪندي ميزبان انڊونيشيا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 13 گولن تان شڪست ڏني. پينالٽي ڪارنر اسپيشلسٽ رضوان علي هيٽ ٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. پاڪستان پهرين ڪوارٽر ۾ 4، ٻئي ۾ 5، ٻئي ۾ 3، جڏهن ته چوٿين ڪوارٽر ۾ هڪ گول اسڪور ڪيو. قومي ٽيم طرفان رضوان علي هيٽ ٽرڪ، اعجاز، منان، رانا وحيد 2-2 گول اسڪور ڪيو. مبشر علي، شان علي، غضنفر ۽ شڪيل معين هڪ هڪ گول ڪيو. پاڪستان جي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي آخري ليگ ميچ 26 مئي تي جاپان خلاف کيڏندي.