باقراڻي (ن پ ا ) نيو ڪراچي جي ايوب ڳوٺ جي ناري نازيا ڌيءَ امان الله پٺاڻ سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺ غلام رسول ڪورائي جي نوجوان خالد حسين ولد محرم علي ڪورائي سان 23 مئي تي خيرپور ڪورٽ ۾ شادي ڪئي.پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي ، پريمي جوڙي نازيا ۽ خالد حسين ڪورائي تحفظ ڏيارڻ لاءِ باقراڻي پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ۽ احتجاج ڪندي چيو ته اسان پنهنجي رضا خوشي سان خيرپور جي ڪورٽ ۾ 23 مئي تي نڪاح ڪيو آهي، ناري نازيا پٺاڻ چيو ته منهنجي مڙس خالد حسين کي منهنجي والد امان الله پٺاڻ ۽ ڀائرن اسماعيل، جهانگير، حڪيم ۽ جان ولي مان جان جو خطرو آهي،  جيڪي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏئي پنهنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.