حيدرآباد: هٽڙي جي علائقي باءِ پاس وٽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو طاهر عرف مامو عرف قاسم پٽ اصغر مستوئي بابت ايس ايس پي امجد احمد شيخ ٻڌايو ته سندس تعلق حب بلوچستان جي علائقي گلشن لسٻيلا مگسي پاڙي سان آهي جنهن خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بئنڪن مان ڦرلٽ جا 11 ڪيس داخل ٿيل آهن. ڄاڻايل ڦورو ڪمپني جي گاڏي مان ڦرلٽ جو مرڪزي جوابدار هو. ايس ايس پي موجب ته ڏوهارين جو باقي ڪرمنل رڪارڊ ڳوليو پيو وڃي. 4 ڏوهاري ڦرلٽ جي وڏن واقعن ۾ ملوث آهن.